اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سامونڊي گدلاڻ جي ازالي، سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ بليو اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مربوط قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. اها اتفاق راءِ سامونڊي معاملن واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ وڌندڙ سامونڊي گدلاڻ ۽ ان جي سامونڊي جيوت، …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير ۽ سنڌ جي گورنر پاران سامونڊي گدلاڻ جي ازالي، بليو اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مربوط قدمن تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سامونڊي گدلاڻ جي ازالي، سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ بليو اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مربوط قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. اها اتفاق راءِ سامونڊي معاملن واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ وڌندڙ سامونڊي گدلاڻ ۽ ان جي سامونڊي جيوت، ماهيگيري، سامونڊي آبادين ۽ انفراسٽرڪچر تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي گدلاڻ هاڻ صرف ماحولياتي مسئلو نه رهيو پر هي معاشي سرگرمين، روزگار ۽ سامونڊي آباديءَ جي صحت لاءِ به سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي. هن ٻُڌايو ته ميرين پولوشن ڪنٽرول بورڊ گدلاڻ جي ازالي لاءِ مختلف قدم کڻي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل صوبائي ادارن جو گڏيل اجلاس گُهرائڻ جي به تجويز آهي ته جيئن مربوط حڪمت عملي تيار ڪري سگهجي. وفاقي وزير بغير ٽريٽمينٽ جي سيوريج کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان کي پاڪستان جي سامونڊي ماحول لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو قرار ڏنو. هن چيو ته غير صاف ٿيل گندي پاڻي جو مسلسل نيڪال مينگروز، مرجاني پهاڙن (ڪورل ريفس) ۽ مڇين جي واڌ ويجهه وارن هنڌن کي شديد نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته ان گدلاڻ سبب سمنڊ ۾ آڪسيجن جي مقدار گهٽ ٿي رهي آهي جنهن سان سامونڊي جيوت ۽ مختلف قسمن جون مڇيون محفوظ علائقن ڏانهن منتقليءَ تي مجبور ٿي رهيون آهن. ان صورتحال سان ماهيگيريءَ جو شعبو ۽ ان سان واڳيل لکين ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي بليو اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سامونڊي وسيلن ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام جو تحفظ اڻٽر آهي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر نهال هاشمي چيو ته سامونڊي گدلاڻ خاص ڪري ڪراچيءَ سميت سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي صحت لاءِ سنگين خطرو بڻجندي پئي وڃي. هن ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن وچ ۾ مؤثر تعاون، ويسٽ واٽر مئنجمينٽ جي بهتري ۽ بنا ٽريٽمينٽ جي سيوريج جي پاڻيءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ جي روڪٿام تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سامونڊي گدلاڻ جي مؤثر ازالي لاءِ بلدياتي ۽ سامونڊي ادارن سميت لاڳاپيل ادارن وچ ۾ ويجهو تعاون اڻٽر آهي.









