پرڏيهي تربيت پوليس آفيسرن جي تربيت جو لازمي حصو هوندي، لا انفورسمينٽ انويسٽيگيشن سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويندو: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پرڏيهي تربيت کي پوليس آفيسرن جي ٽريننگ جو لازمي حصو بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوليس نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جديد پوليسنگ جي ڪامياب ماڊلز ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان مڪمل فائدو کنيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين ۽ ترڪيه مان تربيتي ڪورس مڪمل ڪري واپس آيل اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پرڏيهي تربيت کي پوليس آفيسرن جي ٽريننگ جو لازمي حصو بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوليس نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جديد پوليسنگ جي ڪامياب ماڊلز ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان مڪمل فائدو کنيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين ۽ ترڪيه مان تربيتي ڪورس مڪمل ڪري واپس آيل اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به موجود هئا. ملاقات دوران اي ايس پيز چين ۽ ترڪيه جي جديد پوليسنگ، سرويلنس سسٽمز ۽ امن امان جي انتظام بابت پنهنجن مشاهدن کان گهرو وزير کي آگاهه ڪيو ۽ انهن ڪورسز کي پيشيوراڻيون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ هڪ بهترين تجربو قرار ڏنو. گهرو وزير پرڏيهي تربيتي پروگرامز کي پوليس آفيسرن جي پيشيوراڻي تربيت جو مستقل حصو بڻائڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ چين جي طرز تي ”لا انفورسمينٽ انويسٽيگيشن سينٽر“ قائم ڪرڻ لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته ان سينٽر ۾ ڊٽينشن، انويسٽيگيشن ۽ سمري ٽرائل هڪ ئي ڇت هيٺان ٿيندو ته جيئن معمولي نوعيت جي ڏوهن جي ڪيسن جو فوري ۽ اثرائتو حل ممڪن بڻائي سگهجي. محسن نقوي چيو ته ڏوهن جي روڪٿام ۽ اثرائتي نگراني لاءِ گهرو وزارت جي ايوي ايشن ونگ ۾ جديد ڊرونز شامل ڪيا ويندا ۽ جديد سرويلنس سسٽمز ذريعي نگراني جو دائرو وڌايو ويندو. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ اسپيشلائيزڊ انويسٽيگيشن رومز قائم ڪيا ويندا جڏهن ته انٽيروگيشن (جاچ) کي اسپيشلائيزڊ سبجيڪٽ طور متعارف ڪرائيندي اسريل ملڪن جي ماڊلز تي جديد فني تربيت جو حصو بڻايو ويندو، ان کان علاوه پوليس جي آپريشنل ضرورتن سان هم آهنگ نئون يونيفارم به متعارف ڪرايو ويندو.

مزید خبریں