ازبڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ ٻن سرحدي ڳوٺن جي منتقلي جو عمل شروع

تاشقند- 06 آگسٽ (اي پي پي) ازبڪستان ۽ ڪرغزستان گڏيل معاهدي تحت ٻن سرحدي ڳوٺن چون گار ۽ تاش ٽوبو جي ازبڪستان کان ڪرغزستان ڏانهن منتقلي لاءِ انتظامي ۽ فني ڪارروائين جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرعزستان جي صوبي باتڪن جي انتظاميا مطابق اهو عمل ٻنهي ملڪن وچ ۾ رياستي سرحدي حد بندي ۽ ايراضي جي ڏي وٺ بابت معاهدن تحت انجام ڏنو پيو وڃي. شروعاتي …

تاشقند- 06 آگسٽ (اي پي پي) ازبڪستان ۽ ڪرغزستان گڏيل معاهدي تحت ٻن سرحدي ڳوٺن چون گار ۽ تاش ٽوبو جي ازبڪستان کان ڪرغزستان ڏانهن منتقلي لاءِ انتظامي ۽ فني ڪارروائين جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرعزستان جي صوبي باتڪن جي انتظاميا مطابق اهو عمل ٻنهي ملڪن وچ ۾ رياستي سرحدي حد بندي ۽ ايراضي جي ڏي وٺ بابت معاهدن تحت انجام ڏنو پيو وڃي. شروعاتي معلومات مطابق انهن ٻنهي ڳوٺن جي مجموعي آبادي اٽڪل 2500 ماڻهن تي ٻڌل آهي، جن ۾ اڪثريت نسلي ڪرغزستان جي ماڻهن جي آهي. اختيارين مطابق هن وقت مقامي رهائشين جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي، جنهن بعد کين ڪرغزستان جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻي پوندي. ٻه طرفي معاهدي تحت انهن ٻنهي ڳوٺن جي بدلي ۾ ڪرغزستان پنهنجي سرحدي پٽي ۾ واقع برابر ايراضي ازبڪستان جي حوالي ڪندو.

مزید خبریں