برطانيا جنسي ڏوهاري جيفري ايپسٽين بابت عوامي جاچ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

لنڊن- 06 آگسٽ(اي پي پي) برطانيا جيفري ايپسٽين بابت عوامي جاچ جو امڪان في الحال رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانيا جي انصاف واري وزارت جاري بيان ۾ چيو ته حڪومت سزا يافته جنسي ڏوهاري جيفري ايپسٽين ۽ برطانيا ۾ ان جي ڪمن بابت عوامي جاچ ڪرڻ تي غور ناهي ڪري رهي. ايپسٽين جي موت جي اٽڪل 7 سالن بعد ان اسڪينڊل برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي لوڏي ڇڏيو جنهن …

لنڊن- 06 آگسٽ(اي پي پي) برطانيا جيفري ايپسٽين بابت عوامي جاچ جو امڪان في الحال رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانيا جي انصاف واري وزارت جاري بيان ۾ چيو ته حڪومت سزا يافته جنسي ڏوهاري جيفري ايپسٽين ۽ برطانيا ۾ ان جي ڪمن بابت عوامي جاچ ڪرڻ تي غور ناهي ڪري رهي. ايپسٽين جي موت جي اٽڪل 7 سالن بعد ان اسڪينڊل برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي لوڏي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ شاهه چارلس جي ڀاءُ اينڊريو مائونٽ بيٽن ونڊسر ۽ آمريڪا ۾ اڳوڻي برطانوي سفير پيٽر مينڊيلسن جي گرفتاري عمل ۾ آئي. اسڪينڊل سبب متاثر ماڻهن جي وزير اليڪس ڊيوس جونز هڪ ڏينهن اڳ پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو هو ته وزيراعظم اينڊي برنهم جاچ جي معاملي جو جائزو وٺي رهيو آهي پر بعد ۾ انصاف واري وزير ان جو امڪان في الحال رد ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں