سعودي عرب ۾ ڪرائون پرنس ڪيمل فيسٽيول 2026ع جي شيڊول جو اعلان

رياض- 06 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب جي ڪيمل اسپورٽس شعبي هتي ڪرائون پرنس ڪيمل فيسٽيول 2026ع جي شيڊول جو اعلان ڪيو آهي جيڪو 3 سيپٽمبر کان طائف جي تاريخي ڪيمل اسڪوائر ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيسٽيول ۾ 248 مقابلا ٿيندا ۽ ان جي مجموعي انعامي رقم 50 ملين ريال کان وڌيڪ آهي. ان ايونٽ ۾ جيڪو 11 ڏينهن جاري رهندو، سعودي عرب ۽ پرڏيهه مان اعليٰ نسل …

رياض- 06 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب جي ڪيمل اسپورٽس شعبي هتي ڪرائون پرنس ڪيمل فيسٽيول 2026ع جي شيڊول جو اعلان ڪيو آهي جيڪو 3 سيپٽمبر کان طائف جي تاريخي ڪيمل اسڪوائر ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيسٽيول ۾ 248 مقابلا ٿيندا ۽ ان جي مجموعي انعامي رقم 50 ملين ريال کان وڌيڪ آهي. ان ايونٽ ۾ جيڪو 11 ڏينهن جاري رهندو، سعودي عرب ۽ پرڏيهه مان اعليٰ نسل جي اٺن کي گڏ ڪيو ويندو جن جا مقابلا صبح ۽ شام جي سيشنز ۾ منعقد ڪيا ويندا. مردن کان علاوه عورتن لاءِ به مقابلا شامل آهن. فيسٽيول ۾ پهريون ڀيرو ڪرائون پرنس ڪيمل فيسٽيول ڪپ به متعارف ڪرايو پيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ پوائنٽس حاصل ڪرڻ تي پنج لک ريال انعام ڏنو ويندو. فيسٽيول ان کان اڳ 2018ع، 2019ع ۽ 2024ع ۾ چار گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيا هئا. ان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪيمل ريس ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو روش اٺ ماڊل شامل آهي.

مزید خبریں