واشنگٽن-06 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا وٽ گوله بارود ۽ فوجي سامان جو وڏو مقدار موجود آهي، خاص ڪري مخصوص قسمن جي هٿيارن جا وڏا ذخيرا موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن خميس تي ايران خلاف جنگ کانپوءِ آمريڪي هٿيارن جي ذخيري ۾ گهٽتائيءَ بابت ميڊيا ۾ شايع ٿيل رپورٽ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل …
آمريڪا وٽ گوله بارود ۽ فوجي سامان وڏي مقدار ۾ موجود آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن-06 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا وٽ گوله بارود ۽ فوجي سامان جو وڏو مقدار موجود آهي، خاص ڪري مخصوص قسمن جي هٿيارن جا وڏا ذخيرا موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن خميس تي ايران خلاف جنگ کانپوءِ آمريڪي هٿيارن جي ذخيري ۾ گهٽتائيءَ بابت ميڊيا ۾ شايع ٿيل رپورٽ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي چئي. هن چيو ته وڏي مقدار ۾ هٿيار تيار ڪيا پيا وڃن ۽ ضرورت موجب آمريڪا موڪليا پيا وڃن. دفاعي ڪمپنيون اسان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي انگ ۾ پلانٽس ۽ فيڪٽريون تعمير ڪري رهيون آهن. آمريڪي صدر خبردار ڪيو ته ان غداريءَ تي ٻَڌل بيان جاري ڪندڙن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي. انهن جي ڊگهي مُدي جي قيد جي سزائن جو مطالبو ڪيو ويندو. ٽرمپ جو اهو بيان هڪ ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو، جڏهن هڪ ٽي وي چينل ايران خلاف جنگ کان پوءِ آمريڪي هٿيارن جي ذخيري ۾ گهٽتائيءَ جي رپورٽ شايع ڪئي هئي.











