اسلام آباد - 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود جي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي …
وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود جي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود جي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران عمرو ادا ڪندو ۽ مدينه منوره ۾ رسول ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري پڻ ڀريندو. وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل اعتماد ۽ ڀائيچاري جي عڪاسي ڪري ٿو. هي دورو خطي جي صورتحال جي گهٽ وقت وارن اثرن جي پس منظر کي نظر ۾ رکندي ٿي رهيو آهي جڏهن ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون، گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي سگهه ڏيندو.











