حيدرآباد -5 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڪوٽڙي ايڊمور پمپ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ضلعي انتظاميا جي عملدارن، مختلف سرڪاري کاتن جي نمائندن ، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا کنيل هئا ۽ ڪشميري عوام …
ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي قيادت ۾ ڪوٽڙي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
حيدرآباد -5 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڪوٽڙي ايڊمور پمپ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ضلعي انتظاميا جي عملدارن، مختلف سرڪاري کاتن جي نمائندن ، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا کنيل هئا ۽ ڪشميري عوام سان ٻڌي جي اظهار طور سندن حقن ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفن قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکي ويندي. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي هدايت موجب صبح جو 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو ته يوم استحصال ڪشمير ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي ۽ سندن جائز حقن جي خوداراديت جي حمايت جي تجديد جو ڏهاڙو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جو عوام هر مشڪل گهڙي ۾ پنهنجن ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب هئڻ گهرجي.











