لاڙڪاڻو - 05 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ اربع ڏينهن 05 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ ريليءَ جو اهتمام ڪيو ، جنهن جي اڳواڻي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر ڪئي. اها ريلي بورڊ آفيس لاڙڪاڻو کان شروع ٿي ۽ شهر طرف ايندڙ مين روڊ تي پڄاڻي تي پهتي. هن ريليءَ ۾ بورڊ جي آفيسرن ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ دوران پاڪستان …
لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ريليءَ جو اهتمام

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 05 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ اربع ڏينهن 05 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ ريليءَ جو اهتمام ڪيو ، جنهن جي اڳواڻي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر ڪئي. اها ريلي بورڊ آفيس لاڙڪاڻو کان شروع ٿي ۽ شهر طرف ايندڙ مين روڊ تي پڄاڻي تي پهتي. هن ريليءَ ۾ بورڊ جي آفيسرن ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ دوران پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد، ڪشميرين جي جدوجهد زنده باد ۽ ڪشمير بڻبو پاڪستان جا نعرا پڻ لڳايا ويا.











