اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته 5 آگسٽ اسان جي تاريخ جو اهو دردناڪ موڙ آهي جڏهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي سڃاڻپ، آزادي ۽ بنيادي حقن تي بدترين حملا ڪيا ويا. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهو ڏينهن ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق تي وار ۽ …
عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي: احسن اقبال
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته 5 آگسٽ اسان جي تاريخ جو اهو دردناڪ موڙ آهي جڏهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي سڃاڻپ، آزادي ۽ بنيادي حقن تي بدترين حملا ڪيا ويا. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهو ڏينهن ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق تي وار ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي جي علامت آهي. وفاقي وزير چيو ته هن هميشه ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک، قربانين ۽ استقامت کي انتهائي ويجهي کان محسوس ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير رڳو هڪ سياسي يا جاگرافيائي تڪرار ناهي پر پاڪستان جي روح، غيرت ۽ شهه رڳ آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي مائرن جو صبر، نوجوانن جي بي مثال جدوجهد ۽ ٻارن جو عزم ان حقيقت جو ثبوت آهي ته ظلم ۽ ڏٺ ڪنهن قوم جي آزادي واري جذبي کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هر سفارتي، سياسي ۽ عالمي فورم تي ڪشمير عوام جي بنيادي حقن، انصاف ۽ خوداراديت واري حق جي ڀرپور وڪالت جاري رکندو. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن هو پنهنجي سمورن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان اهو عده ورجائي ٿو ته پاڪستان هر لمحي ساڻن گڏ آهي. اسان جو آواز، اسان جون سفارتي ڪوششون ۽ اسان جون دعائون ڪشميري عوام سان گڏ آهن. ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي حمايت هر سطح تي جاري رکندي. پهن عالمي براداري تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عمل درآمد يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪرار ادا ڪري ۽ ڪشميري عوام کي سندن تسليم ٿيل خوداراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجون زميواريون پوريون ڪري.












