اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته طاقت ذريعي ڪنهن قوم جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ آزادي وارو حق دٻائي نٿو سگهجي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جو رستو ڄمون ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل تان ئي گذري ٿو، پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جو جائز آواز بڻجي سندن خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. …
طاقت ذريعي ڪنهن قوم جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ آزادي وارو حق دٻائي نٿو سگهجي: حنيف عباسي
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته طاقت ذريعي ڪنهن قوم جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ آزادي وارو حق دٻائي نٿو سگهجي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جو رستو ڄمون ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل تان ئي گذري ٿو، پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جو جائز آواز بڻجي سندن خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ڀارتي قدمن خطي ۾ اعتماد، امن ۽ استحڪام کي شديد نقصان پهچايو آهي. ڄمون ڪشمير ڪي تڪراري حيثيت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن سان طي ٿيل آهي جنهن کي هڪ طرفه قدمن ذريعي تبديل نٿو ڪري سگهجي. محمد حنيف عباسي چيو ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي بنيادي خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ثابت قدم آهي، سندن قربانيون، استقامت ۽ آزادي جي جدوجهد تاريخ جو روشن باب آهي، هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين، سياسي پابندين ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي، دنيا کي گهرجي ته هو ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ عالمي قانون تي عملدرآمد لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جو جائز آواز بڻجي سندن خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو، يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن، کي يقين ڏياريون ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ ساڻن گڏ آهي ۽ ان جو هر شهري ڪشميري عوام جي جائز حق، عزت ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي.












