ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد فوج جو قبضو آهي: مشعال ملڪ

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد فوج جو قبضو آهي، ڀارت 15 لک ڀارتين کي والاريل ڪشمير ۾ شهريت ڏني، ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي خوداراديت واري حق جي جدوجهد جاري رکيو پيو اچي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد فوج جو قبضو آهي، ڀارت 15 لک ڀارتين کي والاريل ڪشمير ۾ شهريت ڏني، ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي خوداراديت واري حق جي جدوجهد جاري رکيو پيو اچي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن.  يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي صورتحال تي عالمي ميڊيا به ڪيتريون ئي رپورٽون پيش ڪيون، مودي 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ميڊيا جي داخلا بند ڪئي، هن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پابنديون لڳائي ڇڏيون. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين خلاف جوڊيشل دهشتگردي ۾ ملوث آهي، والاريل ڪشمير ۾ هزارين عورتون بيوه ٿي چڪيون آهن، هزارين ڪشميري ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، ڪشميرين کي سندن بنيادي خوداراديت واري حق  کان به پوئتي نٿو هٽائي سگهي. هن چيو ته  پاڪستان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت م بهترين ملٽري ڊپلوميسي اختيار ڪئي، اسان کي پاڻ ۾ گڏجي اتحاد قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مون ۽ منهنجي ڌيءَ کي انڊين لابي سبب ٻاهرين جي ويزا نٿي ملي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي نٿا چاهين ته والاريل ڄمون ڪشمير جو آواز عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي.