اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون انتهائي ڳڻتي واريون آهن ۽ ڪشمير عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪشمير جو هر ڏک پاڪستان جو ڏک آهي ۽ پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن …
ڪشمير جو هر ڏک پاڪستان جو ڏک، پوري قوم ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي: مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون انتهائي ڳڻتي واريون آهن ۽ ڪشمير عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪشمير جو هر ڏک پاڪستان جو ڏک آهي ۽ پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪ طرفه قدمن ذريعي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي جنهن سبب والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت کي ختم ڪيو. وفاقي وزير چيو ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي آزادي واري جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ سندن خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪشمير جو هر ڏک پاڪستان جو ڏک آهي ۽ پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد جو پابند بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو ۽ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب منصفاڻي حل تائين پنهنجي جدوجهد ۽ حمايت برقرار رکندو.












