اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران آرٽيڪل 370 ۽ آرٽيڪل 35- اي جو رد ٿيڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ڪشمير جي شهيدن جون عظيم قربانيون آزادي واري تحريڪ جو سرمايو آهن، …
ڪشمير جي شهيدن جون قربانيون آزادي واري تحريڪ جو سرمايو، انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي: سينيٽر روبينه خالد
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران آرٽيڪل 370 ۽ آرٽيڪل 35- اي جو رد ٿيڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ڪشمير جي شهيدن جون عظيم قربانيون آزادي واري تحريڪ جو سرمايو آهن، انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي. اربع ڏينهن جاري پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي هڪ طرفه قدمن سان تبديل نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب خوداراديت وارو حق ڏيارڻ عالمي برادري جي ذميواري آهي.، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو شرح تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو دنيا کي روڪڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون، غيرقانوني گرفتاريون ۽ اظهار راءِ تي پابنديون مذمت جوڳيون آهن. پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت هر فورم تي جاري رکندو.












