ريلوي واري وفاقي وزير  پاران بند ڪيل 2 ريل گاڏيون بحال ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ 2 بند پيل ريل گاڏين جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي هلندڙ سال وڌيڪ ريل گاڏيون بحال ڪندو ۽ وزيراعظم جي ويزن موجب مسافرن جي سهولتن ۾ به اضافو ڪيو ويندو. اربع ڏينهن ريلوي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته لاهور کان لاله موسيٰ ويندڙ بابو مسافر …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ 2 بند پيل ريل گاڏين جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي هلندڙ سال وڌيڪ ريل گاڏيون بحال ڪندو ۽ وزيراعظم جي ويزن موجب مسافرن جي سهولتن ۾ به اضافو ڪيو ويندو. اربع ڏينهن ريلوي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته لاهور کان لاله موسيٰ ويندڙ بابو مسافر ٽرين 20 آگسٽ کان بحال ڪئي ويندي جڏهن ته ملتان کان جهنگ کان ٿيندي سرگوڌا ويندڙ  ساندل ايڪسپريس 21 آگسٽ کان ٻيهر هلايون وينديون. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ريل گاڏين کي ڪرونا وبا سبب بند ڪيو ويو هو، مسافرن جي ڀرپور اصرار تي پاڪستان ريلوي جي مفاد ۾ ٻنهي ريل گاڏين کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته هلندڙ سال وڌيڪ ريل گاڏيون به بحال ڪيون وينديون ته جيئن مسافرن کي  بهتر سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم جاري رکيا وڃن.