نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري هنڌ عمان پهچي ويو

عمان - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري هنڌ عمان پهچي ويو، جتي هو والاريل بيت المقدس بابت اردن جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب عمان پهچڻ تي، نائب وزيراعظم جو استقبال اردن جي پرڏيهي معاملن ۽ سمنڊ پار اردنين جي معاملن واري وزارت جي انساني حقن جي ڊائريڪٽوريٽ …

عمان – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري هنڌ عمان پهچي ويو، جتي هو والاريل بيت المقدس بابت اردن جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب عمان پهچڻ تي، نائب وزيراعظم جو استقبال اردن جي پرڏيهي معاملن ۽ سمنڊ پار اردنين جي معاملن واري وزارت جي انساني حقن جي ڊائريڪٽوريٽ جي ڊائريڪٽر سجا المجالي، اردن ۾ پاڪستان جي سفير ميجر جنرل (ر) خرم سرفراز خان ۽ سفارتخاني جي عملدارن ڪيو. نائب وزيراعظم اربع ڏينهن مختلف اهم مصروفيتن ۾ حصو وٺـندو، جنهن ۾ وزارتي اجلاس ۾ شرڪت، اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيُون ملاقاتون شامل آهن. انهن ملاقاتن ۾ والاريل فلسطيني علائقن جي صورتحال، علائقائي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.