اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غير قانوني قبضي واري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن جو هڪ سلسلو اختيار ڪيو. انهن قدمن جو مقصد خطي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ اُمنگن کي مجروح …
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غير قانوني قبضي واري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن جو هڪ سلسلو اختيار ڪيو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غير قانوني قبضي واري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن جو هڪ سلسلو اختيار ڪيو. انهن قدمن جو مقصد خطي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ اُمنگن کي مجروح ڪرڻ هو. 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن ۽ ان کانپوءِ ڪيل قدم اڃا تائين گهري ڳڻتي جو سبب بڻيل آهن. اربع ڏينهن استحصال واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهي قدم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سان لاڳاپيل قائم ڪيل عالمي قانونن ۽ فريم ورڪ جي خلاف ورزي آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ علائقي جي ماڻهن کي درپيش مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام استحصال وارو ڏهاڙي ملهائي رهي آهي ته جيئن ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي واري ڄمون ۽ ڪشمير جي ثابت قدم عوام سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پنهنجي جائز خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مسلسل سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. اسان انهن جي بنيادي حقن لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اهي حق گڏيل قومن جي منشور ۾ شامل آهن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ انهن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جا قدم ۽ ان کانپوءِ ڪيل ڀارتي قدم مسلسل گهري ڳڻتي جو سبب بڻيل آهن، انهن قدمن ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي ڪوششن کي وڌيڪ مُشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهُرجي عالمي قانون، عالمي انساني قانون، انساني حقن ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تحت ڪيل وعدن جي احترام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلسل ڀارت کان مطالبو ڪندو آيو آهي ته هو اهڙن غير قانوني قدمن کان پاسو ڪري جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت جي خلاف آهن. ڀارت کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جيڪي تڪرار جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان عزم کي ورجايو ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام صرف ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي جڏهن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مُوجب حل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي حقن لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ ٿيندڙ سڀني ڪوششن جي حمايت جاري رکنداسين. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي ثابت قدمي، همت ۽ عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، پاڪستان انهن سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو، پاڪستان ڪشميري عوام ۽ انهن جي جائز خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته اسان عالمي برادري، خاص طور تي گڏيل قومن تي زور ڏيون ٿا ته هو پنهنجي ڊگهي مُدي کان التوا ۾ پيل ذميوارين کي پُورو ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل لاءِ بامعني ڪوششون ڪري.











