حيدرآباد پوليس پاران پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

حيدرآباد(اي پي پي) حيدرآباد پوليس پاران پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان حوالي سان ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ قرآن خواني ڪرائي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سميت پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئ.قرآن خواني کان پوءِ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن پوليس جي شهيدن جي ياد ۾ ملهايو ويو آهي جن ملڪ …

حيدرآباد(اي پي پي) حيدرآباد پوليس پاران پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان حوالي سان ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ قرآن خواني ڪرائي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سميت پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئ.قرآن خواني کان پوءِ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن پوليس جي شهيدن جي ياد ۾ ملهايو ويو آهي جن ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي حياتين جون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي اسان انهن مائرن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن جي جگر جي ٽڪڙن پنهنجي حياتين جا نذرانه پيش ڪري سنڌ پوليس کي سربلندي بخشي. هن چيو ته دعا آهي ته الله پاڪ شهيدن جا درجات بلند فرمائي.