مودي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع وارو قدم عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي: ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي

لاهور - 05 آگسٽ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سيف انور جپه چيو آهي، ته 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير، ڪشميرين تي مڙهيل ظلمن جي ياد ڏياري ٿو.  ۽ مودي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع وارا قدم عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. هن يوم استحصال  ڪشمير جي حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪ فوج رت جو نذرانو ڏئي ڪشميرين سان يڪجهتي نڀائي آهي ۽ پاڪستان …

لاهور – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سيف انور جپه چيو آهي، ته 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير، ڪشميرين تي مڙهيل ظلمن جي ياد ڏياري ٿو.  ۽ مودي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع وارا قدم عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. هن يوم استحصال  ڪشمير جي حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪ فوج رت جو نذرانو ڏئي ڪشميرين سان يڪجهتي نڀائي آهي ۽ پاڪستان هميشه عالمي سطح تي ڪشمير جو ڪيس دليراڻي انداز ۾ وڙهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جنهن کي ڪڏهن به جدا نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان هر محاز ۽ هر وقت ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جا قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن، ڊي جي  چيو ته مان سلام پيش ڪيان ٿو انهن شهيدن کي  جن آزادي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو.