بيجنگ _ 5 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته فلپائن جي دفاع واري وزارت جو چين جي قوميتي اتحاد ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي قانون بابت بيان ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان فلپائن جي دفاع واري وزارت طرفان چين جي قوميتي اتحاد ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي قانون بابت بيان تي رد عمل ڏيندي چئي. …
چين جي قوميتي اتحاد ۽ ترقي جي قانون بابت فلپائن جو بيان ڪوڙ سان ڀرپور آهي: چين جي پرڏيهي وزارت
بيجنگ _ 5 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته فلپائن جي دفاع واري وزارت جو چين جي قوميتي اتحاد ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي قانون بابت بيان ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان فلپائن جي دفاع واري وزارت طرفان چين جي قوميتي اتحاد ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي قانون بابت بيان تي رد عمل ڏيندي چئي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڄاڻايل بيان ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزامن سان ڀرپور آهي، اها چين جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي ۽ انتهائي سنگين نوعيت جي سياسي اشتعال انگيزي آهي ، جنهن جي چين شديد مخالفت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته فلپائن ۾ چين خلاف ڪجهه عنصرن جو هڪ محدود گروپ پنهنجي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ ۽ بحري معاملن ۾ فلپائن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پڙدو وجهڻ لاءِ سياسي چالاڪيون استعمال ڪري رهيو آهي پر ان جو عزم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو . هن چيو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر انهن عنصرن کي خبردار ڪري ٿو ته هو اشتعال انگيزي ۽ چين خلاف بي بنياد الزام لڳائڻ بند ڪن ، نه ته وري ٻي صورت ۾ کين پنهنجي منفي قدمن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ، ترجمان چيو ته قوميتي اتحاد ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي قانون جو لاڳو ٿيڻ مختلف قوميتن جي قانوني حقن ۽ مفادن جي بهتر تحفظ لاءِ فائديمند آهي ۽ قوميتي اتحاد ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مضبوط قانوني ضمانت فراهم ڪندو.












