گڏيل قومون -5 آگسٽ(اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (او سي ايڇ اي) خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ شهرين لاءِ اڃان به ڪا محفوظ جڳهه موجود ناهي، جتي فائرنگ ۽ ٻيا فوجي حملا يا ٻارن جي تعليم لاءِ قائم عارضي مرڪزن کي نشانو بڻايو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق او سي ايڇ اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزه شهر ۾ اڄ هڪ خيمي نما …
گڏيل قومون غزه کي شهرين لاءِ غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو
گڏيل قومون -5 آگسٽ(اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (او سي ايڇ اي) خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ شهرين لاءِ اڃان به ڪا محفوظ جڳهه موجود ناهي، جتي فائرنگ ۽ ٻيا فوجي حملا يا ٻارن جي تعليم لاءِ قائم عارضي مرڪزن کي نشانو بڻايو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق او سي ايڇ اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزه شهر ۾ اڄ هڪ خيمي نما ڪلاس روم ۾ تعليم هيٺ ڇهين ڪلاس جو شاگرد گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ ڏينهن اڳ بيت لاهيه ۾ اسرائيلي فوج گهرن سان گڏوگڏ 4 اسڪولن جي تعليمي ڪمپليڪس ۾ موجود آخري اسڪول کي به ڊاهي ڇڏيو . بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي اسرائيلي فوج ان علائقي ۾ وڌيڪ اڳتي وڌي وئي هئي جتي هنن اسڪول جي پڌر ۾ پناهه ورتل ڪيترن خاندانن جا خيما تباهه ڪري ڇڏيا ۽ وڌيڪ علائقي کي محدود رسائي واري زون ۾ شامل ڪري ڇڏيو . جنهن بعد انساني امدادي ادارن بي گهر ٿيندڙ خاندانن جي مدد لاءِ فوري قدم کنيا. او سي ايڇ اي زور ڀريو آهي ته عالمي انساني قانون تحت شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن جو تحفظ لازم آهي ۽ تعليمي مرڪزن کي شاگردن ۽ استادن لاءِ محفوظ ماحول برقرار رهڻ گهرجي. ٻئي پاسي اولهه ڪناري جي ڏکڻ شهر الخليل جي علائقي ۾ به اسرائيلي اختيارين هڪ اسڪول جي ڪجهه حصي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ، جتي هڪ هزار کان وڌيڪ فلسطينين کي علائقو ڇڏڻ جي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پيو. او سي ايڇ اي مطابق اولهه ڪناري ۾ هن وقت 80 کان وڌيڪ فلسطيني اسڪول ڊاهي پٽ ڪيا ويا يا لاڳاپيل حڪم جي لپيٽ ۾ آهن جڏهن ته هلندڙ سال تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ شراڪتدارن 60 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي تعليمي سهڪار، نفسياتي مدد ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون آهن.












