اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي قلم 204، 210 ۽ اليڪشن رولز 2017ع جي قاعدي 159 ۽ 160 تحت ياد ڪرايو آهي ته انهن کي 2026ع ۾ ختم ٿيل مالي سال 26-2025ع لاءِ پنهنجي اڪائونٽس جا مربوط گوشوارا اليڪشن ڪميشن ۾ 29 آگسٽ 2026ع تائين يا ان کان اڳ جمع ڪرائڻا پوندا. اليڪشن ڪميشن جي …
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي 29 آگسٽ تائين پنهنجي اڪائونٽس جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي قلم 204، 210 ۽ اليڪشن رولز 2017ع جي قاعدي 159 ۽ 160 تحت ياد ڪرايو آهي ته انهن کي 2026ع ۾ ختم ٿيل مالي سال 26-2025ع لاءِ پنهنجي اڪائونٽس جا مربوط گوشوارا اليڪشن ڪميشن ۾ 29 آگسٽ 2026ع تائين يا ان کان اڳ جمع ڪرائڻا پوندا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي قلم 210 جو متن آهي ته ڪا به سياسي پارٽي مالي سال جي پڄاڻي جي 7 ڏينهن اندر ڪميشن کي پنهنجا گوشوارا فارم- ڊي تي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ذريعي فنڊنگ جا ذريعا، اثاثا ۽ بقايائن جا تفصيل پيش ڪندا. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪيل تفصيل سياسي پارٽي جي آڊٽ رپورٽ جيڪا چارٽرڊ اڪائونٽنٽ طرفان جاري ڪئي وئي هجي ۽ پارٽي سربراهه طرفان مجاز عهديدار کان صحيح هجي، جنهن ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي هجي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت منع ٿيل ذريعن کان پارٽي کي ڪو فنڊ نه مليو، گوشوارن ۾ پارٽي جي مالي حالت جي بابت درست معلومات موجود آهي.










