ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته سومر جي رات ۽ 4 آگسٽ تي اسلام آباد، راولپنڊي، شيخوپوره، قصور، فيصل آباد، ملتان، ساهيوال، اوڪاڙه، بهاولنگر،گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، لاهور، پوٺوهار ريجن، پشاور، نوشهره ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، تيز برساتن دوران مٿانهين خيبرپختونخوا (دير، سوات، ڪوهستان، بونير، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد) مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته سومر جي رات ۽ 4 آگسٽ تي اسلام آباد، راولپنڊي، شيخوپوره، قصور، فيصل آباد، ملتان، ساهيوال، اوڪاڙه، بهاولنگر،گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، لاهور، پوٺوهار ريجن، پشاور، نوشهره ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، تيز برساتن دوران مٿانهين خيبرپختونخوا (دير، سوات، ڪوهستان، بونير، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد) مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ، جڏهن ته ڪشمير، مري، گليات، اتر اوڀر پنجاب، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، خيبر پختونخوا ۽ ڊيره غازي خان جي جابلو ندي نالن ۾ تيز برساتن سبب چاڙهه جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي وارن علائقن ۾ مسلسل داخل ٿي رهيون آهن، اولهه وارين هوائن جو سلسلو به ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. اڄ (اڱاري ڏينهن) ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، اسلام آباد، مٿانهين/ وچولي پنجاب ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز / شديد برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين ڏاکڻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪٿي ڪٿي، جڏهن ته ميرپورخاص ۽ بارکاڻ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين 45، نوڪنڊي ۽ سبي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں