اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ لائيو اي ڪچهري منعقد ڪئي. بي آءِ ايس پي مان جاري بيان مطابق اي - ڪچهري دوران سڄي ملڪ مان 37 ڪالرز ، ٽيلي فون ذريعي پنهنجي مسئلن ۽ شڪايتن مان آگاهه ڪيو. چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته اي …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ لائيو اِي ڪچهري منعقد ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ لائيو اي ڪچهري منعقد ڪئي. بي آءِ ايس پي مان جاري بيان مطابق اي – ڪچهري دوران سڄي ملڪ مان 37 ڪالرز ، ٽيلي فون ذريعي پنهنجي مسئلن ۽ شڪايتن مان آگاهه ڪيو. چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته اي ڪچهري دوران موصول ٿيل سمورين شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اي- ڪچهري کي خطاب ڪندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڪردگي، شفاف نظام ۽ عوامي خدمت تي مڪمل اعتماد آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ملڪ جي غريب ۽ مستحق خاندانن جي ڀلائي لاءِ بان ڪنهن فرق جي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي ۽ ان جو مقصد گهٽ آمدني رکندڙ گهراڻن جي معاشي ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سندن آمدني ۽ خرچن ۾ توازن پيدا ڪرڻ آهي. سينيٽر روبينه خالد، افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته تازن ڏينهن ۾ ڪجهه عنصر ذاتي ۽ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ بي آءِ ايس پي جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پروگرام ڪنهن به سياسي، مذهبي، لساني يا علائقائي وابستگي سان مٿانهون ٿي صرف مستحق ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته عورتون ڪنهن به صورت پنهنجو موبائل فون ايجنٽ جي حوالي نه ڪن ڇو ته رقم وصول ڪرڻ لاءِ صرف اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بائيو ميٽرڪ تصديق گهربل هوندي آهي، موبائل فون جي ضرورت نه هوندي. هن عورتن کي مشورو ڏنو ته پنهنجو موبائل فون ۽ موبائل نمبر هميشه پاڻ سان گڏ رکن ته جئين ڪو به شخص سندن پيغام يا شڪايتن سان لاڳاپيل ڄاڻ کي ختم نه ڪري سگهي. هن واضح ڪيو ته بي آءِ ايس پي جا سمورا وظيفا، سهولتون ۽ خدمتون مڪمل طور تي مفت آهن. هن چيو ته مستند ڄاڻ، رهنمائي يا ڪا به شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ مستحق پنهنجي ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس يا بي آءِ ايس پي هيلپ لائن 080026477 سان رابطو ڪن.










