گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي حاجي غلام احمد بلور سان ملاقات، سياسي صورتحال ۽ صوبائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سينيئر اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خيبر پختونخوا جي اڳوڻي گورنر شوڪت الله خان به موجود هو. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، خيبر پختونخوا کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سينيئر اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خيبر پختونخوا جي اڳوڻي گورنر شوڪت الله خان به موجود هو. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، خيبر پختونخوا کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، حاجي غلام احمد بلور جي سياسي جدوجهد، جمهوريت جي استحڪام۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. گورنر چيو ته حاجي غلام احمد بلور هميشه جمهوري قدرن، عوامي حقن جي تحفظ ۽ خيبر پختونخوا جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حاجي غلام احمد بلور، باچاخان جي امن جي فلسفي، رواداري ۽ خدمت خلق کي پنهنجي عملي سياست جو حصو بڻايو، جڏهن ته اصولي سياست، برداشت، بحث ۽ عوامي خدمت کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس خدمتون قدر جوڳيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ کي درپيش چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بزرگ سياسي اڳواڻن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي حاجي احمد بلور به گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي سياسي ۽ عوامي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سمورن سياسي قوتن کي جمهوري استحڪام، قومي يڪجهتي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں