صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار جي صدارت هيٺ حضرت امام حسين (ع) جي چهلم جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد

ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ پوليس کي حضرت امام حسين (ع) جي چهلم جي موقعي تي سموري صوبي ۾ فول پروف سيڪيورٽي، بلدياتي سهولتن، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ ايمرجنسي انتظام هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته چهلم جي سمورن جلوسن جي مقرر ڪيل رستن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ ٻين حساس هنڌن …

ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ پوليس کي حضرت امام حسين (ع) جي چهلم جي موقعي تي سموري صوبي ۾ فول پروف سيڪيورٽي، بلدياتي سهولتن، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ ايمرجنسي انتظام هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته چهلم جي سمورن جلوسن جي مقرر ڪيل رستن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ ٻين حساس هنڌن جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺندي اثرائتي ۽ فول پروف سيڪيورٽي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن پوليس کي هدايت ڪئي اسنيپ چيڪنگ، شڪي ماڻهن جي نگراني ۽ انٽيلي جنس بيسڊ سرچ آپريشنز کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، جڏهن ته صوبي جي داخلي ۽ ٻاهرين رستن ۽ حساس هنڌن تي نگراني سخت ڪئي وڃي. هن سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏيل رابطي ۽ انٽيلي جنس شيئرنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي هاءِ الرٽ رهجي. گهرو وزير بلدياتي ادارن کي هدايت ڪئي ته جلوسن ۽ مجلسن جي رستن تي صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائٽس، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ٻيون ضروري سهولتون وقت سر يقيني بڻايون وڃن. هن ريسڪيو 1122، صحت کاتو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي چهلم دوران ايمرجنسي سروسز، طبي عملي، ايمبولينسز ۽ ضروري طبي سامان جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي هاءِ الرٽ رکيو وڃي. گهرو وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي رستن جي حوالي سان جامع ٽريفڪ پلان ۽ متبادل رستن کي مقرر ڪري شهرين کي وقت سر آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ جي رواني برقرار رهي ۽ عام شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي. هن هدايت ڪئي ته چهلم جي سمورن انتظامن جي لڳاتار مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به امڪاني مسئلي جي صورت ۾ فوري قدم کنيا وڃن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته عزادارن ۽ سمورن شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، امن امان جو قيام ۽ پرامن ماحول جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل گڏيل رابطي ۽ هم آهنگي سان پنهنجا فرض انجام ڏين ته جيئن حضرت امام حسين (ع) جي چهلم جا سمورا پروگرام پرامن، محفوظ ۽ باوقار انداز ۾ مڪمل ٿي سگهن. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي ۽ انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں