صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ آزاديءَ جي ڏينهن (14 آگسٽ) ۽ دفاع جي ڏينهن (6 سيپٽمبر) جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ راندين جي ايونٽس کي منعقد ڪرڻ بابت هڪ اهم اجلاس منعقد

ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ آزاديءَ جي ڏينهن (14 آگسٽ) ۽ دفاع جي ڏينهن (6 سيپٽمبر) جي موقعي تي پوري صوبي ۾ راندين جي ايونٽس کي منعقد ڪرڻ بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ۽ راندين واري ڊائريڪٽر اسد اسحاق صوبائي وزير کي ايونٽس جي …

ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ آزاديءَ جي ڏينهن (14 آگسٽ) ۽ دفاع جي ڏينهن (6 سيپٽمبر) جي موقعي تي پوري صوبي ۾ راندين جي ايونٽس کي منعقد ڪرڻ بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ۽ راندين واري ڊائريڪٽر اسد اسحاق صوبائي وزير کي ايونٽس جي انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران راندين واري صوبائي وزير، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسرن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سمورا انتظام تڪڙا مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن آزاديءَ جي ڏينهن ۽ دفاع جي ڏينهن جون تقريبون قومي جوش ۽ جذبي سان ڀرپور انداز ۾ منعقد ڪري سگهجن. سردار محمد بخش مهر چيو ته 14 آگسٽ ۽ 6 سيپٽمبر جي موقعي تي پوري صوبي ۾ مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون به منعقد ٿينديون. هن چيو ته ڪراچي جي سمورن ضلعن سميت پوري صوبي ۾ راندين جي سرگرمين ذريعي قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ آزاديءَ جي اهميت کي نمايان ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ملير ۾ سيلف ڊفينس، فٽبال، ڪرڪيٽ، مڪسڊ مارشل آرٽس، باڪسنگ ۽ روايتي راندين جا مقابلا منعقد ٿيندا، جڏهن ته سنڌ يوٿ ڪلب گلستانِ جوهر ۾ مڪسڊ مارشل آرٽس ۽ جوڊو جا مقابلا ڪرايا ويندا. سينٽرل ضلعي ڪراچي ۾ بيڊمنٽن، جمناسٽڪس ۽ رولر اسڪيٽنگ ايونٽس منعقد ٿيندا. سنڌ جي راندين واري وزير موجب بدين، ٽنڊوالهيار، دادو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، قمبر شهدادڪوٽ، ٿرپارڪر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به مختلف اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪيا ويندا. حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي اسپورٽس گالا فيسٽيول تحت 8 مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ بيڊمنٽن، فٽبال، باسڪٽ بال، ٽيبل ٽينس ۽ والي بال جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته ٺٽي ۾ انٽر اسڪول گرلز آزادي اسپورٽس فيسٽيول تحت ٿروبال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس ۽ ٽگ آف وار (ونجهه وٽي/رسو ڪشي) جا مقابلا ٿيندا، جڏهن ته ميرپورخاص ۾ 6 کان 14 آگسٽ تائين انٽر اسڪول گرلز ۽ بوائز باسيڪٽ بال، ڪوڏي ڪوڏي، هاڪي سميت مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا. سردار محمد بخش مهر وڌيڪ ٻڌايو ته گھوٽڪي ۾ 14 آگسٽ تي مني ميراٿن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن وچ ۾ ڪوڏي ڪوڏي جو مقابلو ٿيندو، جڏهن ته شهيد بينظيرآباد ۾ اسپورٽس فيسٽيول تحت شوٽنگ بال، فٽبال، ڪرڪيٽ، هاڪي، ونجهه وٽي ۽ رنگ بال جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا. سکر ۾ آل سنڌ فٽبال چيمپئن شپ، تائيڪوانڊو، سائيڪل ريس ۽ باسڪٽ بال ايونٽس جڏهن ته سانگهڙ ۾ يومِ آزادي اسپورٽس فيسٽيول تحت مختلف رانديون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته راندين ذريعي نوجوانن ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي ۽ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائي ويندي. سٺي صحت واري سرگرمين ۽ مثبت مقابلي جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف رانديون منعقد ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۽ ٽيمن جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي، پوري صوبي جي نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت جا موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت نوجوانن ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکندي.

مزید خبریں