ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي بورڊ جو 24هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ فنڊ جي سيڙپڪاري، مشينري ۽ امدادي سامان جي خريداري، پوسٽ مون سون رپورٽ ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي پگهارن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ بينيفشري انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم، مالي سال 26-2025ع جي …
امدادي سامان جي گهُرج، فراهمي، اسٽاڪ ۽ مستحقن جو مڪمل ڊجيٽل رڪارڊ برقرار رکيو وڃي: گيانچند ايسراڻي

مزید خبریں
ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي بورڊ جو 24هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ فنڊ جي سيڙپڪاري، مشينري ۽ امدادي سامان جي خريداري، پوسٽ مون سون رپورٽ ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي پگهارن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ بينيفشري انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم، مالي سال 26-2025ع جي خرچن، مالي سال 27-2026ع جي ايس اين اِي، اي ڊي پي منصوبن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ کاتي جي سيڪريٽري رفيق مصطفيٰ شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ فنانس شاهه حسين شاهه، ڊائريڪٽر آپريشنز شايان شاهه، ناڻي کاتي، بلديات، آبپاشي، اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري کاتي، صحت کاتي، بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 23هين بورڊ اجلاس جي منٽس جي توثيق ڪندي انهن کي گڏيل اتفاق سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويو. اجلاس ۾ جي آءِ ايس ۽ ڊيٽا انٽري آپريٽرن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ، ملازمن جي پگهارن جي تحفظ، خالي عهدن ۽ سروس رينڊرڊ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي کاتي کان وضاحت نه ملڻ نه تي بورڊ معاملي جي پيروي جاري رکڻ ۽ ايندڙ اجلاس ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ساڳئي وقت صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ فنڊ جي سيڙپڪاري لاءِ سنڌ بينڪ ۾ پورٽ فوليو انويسٽمينٽ اڪائونٽ کولڻ ۽ مارڪيٽ ٽريزري بلز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي تجويز کي پڻ منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پوسٽ مون سون صورتحال ۽ بينيفشري انفارميشن مينيجمينٽ سسٽم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بورڊ امدادي سامان جي گهرج، فراهمي، اسٽاڪ ۽ مستحقن جو مڪمل ڊجيٽل رڪارڊ برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن شفافيت ۽ اثرائتي نگراني کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ مالي سال 26-2025ع جي خرچن، رليف فنڊ، ڪمبيٽ ڊزاسٽر فنڊ ۽ ترقياتي منصوبن جي مالي معاملن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته مالي سال 27-2026ع لاءِ نون عهدن، داخلي آڊٽ جي پوسٽن ۽ اي ڊي پي اسڪيمن بابت تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ داخلي نگراني جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سفارشون پڻ پيش ڪيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي گيانچند ايسراڻي چيو ته پي ڊي ايم اي کي هڪ فعال، جوابده ۽ جديد اداري طور پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي، وقت سر فيصلا ۽ وسيلن جو مؤثر استعمال لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته امدادي سرگرمين ۾ شفافيت، احتساب ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته عوام کي وقت سر رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي مڪمل تياري سان پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون.











