جمهوري نظام ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ معمول جو حصو آهي، آزاد ڪشمير چونڊن جي نتيجن کي خوش دلي سان تسليم ڪيو وڃي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جمهوري نظام ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ معمول جو حصو ۽ سياست جو لازمي رخ آهي جڏهن ته الزام براءِ الزام جي روش اختيار نه ڪرڻ گهرجي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تعمير ۽ ترقي، عوامي خدمت ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي پنهنجو فيصلو ڏنو، مسلم …

اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جمهوري نظام ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ معمول جو حصو ۽ سياست جو لازمي رخ آهي جڏهن ته الزام براءِ الزام جي روش اختيار نه ڪرڻ گهرجي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تعمير ۽ ترقي، عوامي خدمت ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي پنهنجو فيصلو ڏنو، مسلم ليگ (ن) کي ملندڙ سادي اڪثريت عوامي اعتماد جو اظهار آهي جنهن کي جمهوري روايتن موجب خوش دلي سان تسليم ڪرڻ گهرجي. سومر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي برتري حاصل ٿي، مسلم ليگ (ن) سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي، الله تعالى آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) کي جيڪا ڪاميابي عطا ڪئي آهي، اها اسان جي سياسي مخالفن کي هضم نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته چونڊ عمل ۾ عوام ڀرپور انداز ۾ حصو ورتو، سياسي پارٽين نه رڳو جلسا جلوس منعقد ڪيا پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پناهگيرن جي سيٽن تي پڻ ڀرپور سياسي سرگرميون جاري رهيون. هن چيو ته عوام چونڊ مهم ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ جلسن، جلوسن، ڪارنر ميٽنگز سميت مختلف سياسي سرگرمين ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي چونڊ عمل کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪاميابي تي سڀ کان پهرين مبارڪباد ڏئي هڪ مثبت جمهوري روايت قائم ڪئي، انهن کي به جمهوري قدرن کي فروغ ڏيندي برداشت، تحمل ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوام کي تعمير ۽ ترقي، سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمت جي رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو هو، ماڻهن کي ان بنياد تي فيصلو ڪرڻو هو ته ڪهڙي پارٽي ڪشمير ۽ ان جي عوام کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي، ڪهڙي پارٽي جو عوامي خدمت جو ٽريڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته سنڌ جي اطلاعات ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران بي بنياد الزام هنيا ويا. وفاقي وزير چيو ته جتي انهن جي حڪومت آهي اتي به ڪيترائي معاملا ڌيان طلب آهن، 2024ع جي چونڊن تي سوال اٿاريا ويا جڏهن ته اهي سوال سنڌ جي حوالي سان به اٿاري سگهجن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن چونڊ عمل تي اعتراض ۽ الزام هنيا وڃن ٿا ته ضروري آهي ته ان سان گڏ ناقابل تديد ثبوت پڻ پيش ڪيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن دوران پيپلزپارٽي جي چونڊ مهم واضح طور تي نظر آئي، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اتي موجود رهيا جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀرپور چونڊ مهم هلائي جنهن جا نتيجا به سامهون آيا. اهڙي طرح آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت، قائد محمد نواز شريف ۽ ان جي پوري ٽيم چونڊ جلسا ڪيا، ڀرپور مهم هلائي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي فضا کي پوري دنيا ڏٺو. هن چيو ته جمهوري نظام ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ معمول جو حصو آهي ۽ اهو سياست جو هڪ لازمي رخ آهي جڏهن ته الزام براءِ الزام جي روش اختيار نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي اعتراض يا الزام هنيا وڃن ته ان سان گڏ قابل قبول ۽ ٺوس ثبوت به پيش ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اعلى ظرفي جو مظاهرو ڪندي جهڙي طرح مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان ۾ ڪاميابي تي انهن کي مبارڪباد ڏني هئي، اهڙي طرح پيپلزپارٽي کي به مسلم ليگ (ن) کي مبارڪباد ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ پناهگير سيٽ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي پوزيشن ڪمزور هئي، پيپلزپارٽي پاران نه ته ڊور ٽو ڊور مهم نظر آئي، نه ڪارنر ميٽنگز ٿيون ۽ نه ئي چونڊ جلسا ڪيا ويا. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سيٽن جي حوالي سان به سروي ٿي ۽ سياسي ماهرن پنهنجي راءِ پيش ڪئي. هن چيو ته چونڊ مهم ڀرپور انداز ۾ هلائي وئي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ٻنهي جلسا ڪيا. وفاقي وزير چيو ته سياسي اختلاف جمهوري عمل جو حصو آهي جڏهن ته الزام بازي مناسب نه آهي. هن چيو ته هاڻي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) کي سادي اڪثريت حاصل ٿي چڪي آهي ته ان کي خوش دلي سان تسليم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن الزامن جو سلسلو جاري رهيو ته ان جو ڪو مثبت نتيجو نه نڪرندو ڇو ته انهن وٽ ڪو ثبوت به نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جو منشور ڪمزور هو يا ان ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته عوام ان جو فيصلو پنهنجي ووٽ جي ذريعي ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت خاص طور تي محمد نواز شريف سدائين ڪشمير جي ترقي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف به ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقي جو نعرو کڻي وئي هئي، توهان جو منشور ڇا هو؟ ڪهڙا اهڙا منصوبا هئا جيڪي توهان پنهنجي صوبي ۾ پنهنجي حڪومت جي ذريعي مڪمل ڪيا؟ وفاقي وزير چيو ته عوامي خدمت، ڀلائي ۽ تعمير ۽ ترقي مسلم ليگ (ن) جو منشور ۽ ويزن رهيو آهي جنهن جي بنياد تي عوام ان کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته چونڊ مهم ڪنهن پارٽي جي بهتر ۽ ڪنهن جي ڪمزور ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور مهم هلائي، جلسا ڪيا ۽ ان جو نتيجو سامهون آيو، اهڙي طرح آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي چونڊ مهم وڌيڪ موثر رهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪشمير ۾ چونڊن تي الزام هڻندڙ پارٽي جي ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت ۽ انتظاميا موجود هئي، اها سڀني کي خبر آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چونڊن جي لاءِ نگران سيٽ اپ ناهي هوندو پر موجوده حڪومت ۽ انتظاميا تحت ئي چونڊ عمل مڪمل ٿيندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي ئي انتظاميا ۽ پنهنجي حڪومت تي سوال اٿاري رهيو آهي ته ان تي هو ڪجهه نه ٿا چئي سگهن. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن جي نتيجن کي خوش دلي سان تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ جمهوري عمل کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. الزام براءِ الزام ۽ بنا ثبوت الزامن جي ڪا حيثيت نه آهي، عوام چڱي طرح ڄاڻي ٿي ته تعمير ۽ ترقي ڪنهن ڪئي ۽ ڪنهن وقت ضايع ڪيو. هن چيو ته اڳتي وڌو ۽ سياسي عمل کي ڪشمير ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.

مزید خبریں