وزيراعظم پاران ملڪ ۾ سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ معيشت ۾ سيڙپڪاري، ڪاروباري سگهه ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر محرڪ جو ڪردار ادا ڪري سگهن …

اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ معيشت ۾ سيڙپڪاري، ڪاروباري سگهه ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر محرڪ جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نجي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار معاشي ترقي بابت اجلاس سومر ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پبلڪ ايڪويٽي مارڪيٽ ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ جي فروغ جي لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪري جلد پيش ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ فنڊز دستياب هجن ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ راهه هموار ٿئي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ نجي سيڙپڪاري جو فروغ لازمي آهي، پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ معيشت ۾ سيڙپڪاري، ڪاروباري سگهه ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر محرڪ جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته معدنيات، زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ ٻيا شعبا پاڪستان جي معيشت جي ترقي جا بنيادي محرڪ بڻجڻ جي صلاحيت رکن ٿا، انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ ايڪويٽي مارڪيٽ هڪ اهم ذريعو بڻجي سگهي ٿي، بئنڪاري شعبي پاران سيڙپڪاري جو ماپو اڃا به محدود آهي جنهن جي ڪري متبادل سيڙپڪاري ذريعن کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت اهڙن قدمن کي ترجيح ڏئي رهي آهي جيڪي نجي شعبي جي قيادت م سيڙپڪاري، صنعت ۽ روانگي واپار جي فروغ جي ذريعي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ۽ پائيدار بنيادن تي قائم ڪن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.

مزید خبریں