وزيراعظم پاران نجڪاري پروگرام جا سمورا مرحلا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري پروگرام جا سمورا مرحلا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي مختلف مرحلن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا گڏيل رابطي سان ڪم ڪن، زرعي ترقياتي بئنڪ جي نجڪاري جو طريقيڪار اهڙي انداز ۾ جوڙيو وڃي جو بئنڪ جو بنيادي مقصد ۽ زرعي شعبي ۾ ان جو …

اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري پروگرام جا سمورا مرحلا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي مختلف مرحلن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا گڏيل رابطي سان ڪم ڪن، زرعي ترقياتي بئنڪ جي نجڪاري جو طريقيڪار اهڙي انداز ۾ جوڙيو وڃي جو بئنڪ جو بنيادي مقصد ۽ زرعي شعبي ۾ ان جو ڪردار برقرار رهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزه اجلاس سومر ڏينهن هتي ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته نجڪاري پروگرام تحت طئي ٿيل سمورن هدفن ۽ ٽائيم لائينز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، نجڪاري جي مختلف مرحلن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا گڏيل رابطي سان ڪم ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زرعي ترقياتي بئنڪ جي نجڪاري جو طريقيڪار اهڙي انداز ۾ جوڙيو وڃي جو بئنڪ جو بنيادي مقصد ۽ زرعي شعبي ۾ ان جو ڪردار برقرار رهي، يقيني بڻايو وڃي ته نجڪاري کانپوءِ به ننڍي ۽ وچولي درجي جي آبادگارن کي زرعي قرضن ۽ مالي وسيلن جي فراهمي تي زرعي ترقياتي بئنڪ جو ڌيان برقرار رهي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن، خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي آبادگارن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ مالي وسيلن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ ضروري اهي، زرعي ترقي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت پاران وزيراعظم کي نجڪاري پروگرام، مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اڳتي جي هدفن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي نجڪاري پروگرام تحت مجموعي طور تي 27 سرڪاري ادارا ٽن مرحلن ۾ نجڪاري جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي حوالي سان فنانشل ڪلوزنگ جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي پهرين فنانشل ڪلوزنگ ۽ انتظامي ڪنٽرول جي منتقلي 29 جون 2026ع تي مڪمل ٿي. وزيراعظم کي اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي نجڪاري جي عمل تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽنهي ڪمپنين جي لاءِ اظهار دلچسپي تشهير ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سيڙپڪارن پاران دستاويزات جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ترتيبوار فيسڪو جي لاءِ 7 آگسٽ، گيپڪو جي لاءِ 21 آگسٽ ۽ آئيسڪو جي لاءِ 7 سيپٽمبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي لاءِ عالمي ڪمپنين دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان سيڙپڪارن سان روڊ شوز جو عمل پڻ جاري آهي. وزيراعظم کي زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جي ٽرانزيڪشن اسٽرڪچرنگ ۾ بئنڪ جي زرعي قرضن بابت بنيادي مينڊيٽ جي تحفظ کي خصوصي طور تي نظر ۾ رکيو پيو وڃي. اجلاس کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور جي نجڪاري تي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نجڪاري جي سمورن جاري معاملن جي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني ۽ طئي ٿيل هدفن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں