پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ زبردست واڌ، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2105.9 پوائنٽس جي واڌ

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداريءَ سبب مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2105.9 پوائنٽس جي واڌ سان 178200.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ريڊي مارڪيٽ ۾ 785.361 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، جن جي مجموعي ماليت 33.140 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جو …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداريءَ سبب مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2105.9 پوائنٽس جي واڌ سان 178200.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ريڊي مارڪيٽ ۾ 785.361 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، جن جي مجموعي ماليت 33.140 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جو مجموعي سرمايو (مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن) به وڌي 19.953 کرب رپيا ٿي وئي. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 563 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 305 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 152 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 106 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڳاڻٽي جي لحاظ سان ٽرسٽ بروڪريج سرفهرست رهيو، جتي 113.317 ملين شيرئز جو ڪاروبار ٿيو. ان کان پوءِ ٽي پي ايل پراپرٽيز جي 83.708 ملين ۽ سينر جيڪو پي ڪي جا 68.958 ملين شيئرز جي ڏي وٺ رڪارڊ ڪئي وئي. سڀ کان وڌيڪ واڌ وارن شيئرز ۾ خيبر ٽيڪسٽائل ملز لميٽيڊ نمايان رهي، جنهن جي ش:ئرز جي قيمت 154.38 رپين جي واڌ سان 2157.19 رپين تائين پهچي وئي. اهڙيءَ طرح دي ٿل انڊسٽريز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي شيئرز 98.44 رپين جي واڌ کان پوءِ 1249.90 رپين تي بند ٿي. ٻي طرف نيسلي پاڪستان لميٽيڊ جي شيئرز ۾ 142.13 رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ هي 7771.24 رپين تي بند ٿي جڏهن ته پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ (بي) جي شيئرز 65.48 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 17562.02 رپين تي اچي وئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 733.49 پوائنٽس جي بهتريءَ سان 53213.70 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 4080.06 پوائنٽس جي واڌ سان 251278.11 پوائنٽس تي بند ٿيو.

مزید خبریں