اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سون جي قيمتن ۾ معمولي اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪموڊيٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليوٽي آءِ جي قيمت ۾ 5.75 سيڪڙو ۽ برينٽ ڪروڊ جي قيمت ۾ 4.77 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ ڊبليو ٽي آءِ جي …
ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ سومر ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سون جي قيمتن ۾ معمولي اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪموڊيٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليوٽي آءِ جي قيمت ۾ 5.75 سيڪڙو ۽ برينٽ ڪروڊ جي قيمت ۾ 4.77 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ ڊبليو ٽي آءِ جي سيٽپمبر ۾ ترسيل جا سودا 4.87 ڊالر جي گهٽتائي سان 79.80 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي آڪٽوبر ۾ ترسيل جا سودا 4.19 ڊالر جي گهٽتائي سان 83.74 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 2.30 ڊالر جي عمومي اضافي سان 4109.30 ڊالر في اونس ۽ چانڊيءَ جي قيمت 0.57 اضافي سان 58.36 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي، جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مڪئي جي ڊسمبر لاءِ سودا 2 ڊالر جي گهٽتائي سان 462 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي سيٽپمبر جا سودا 1 ڊالر جي گهٽتائي سان 638.25 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.











