مالي سال 2025ع دوران پاڪ – برطانيه ٻه طرفي واپار ۾ 6 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) مالي سال 2025ع دوران پاڪ - برطانيه ٻطرفي واپار ۾ 6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ان دوران گڏيل واپار 7.3 ارب ڊالر تائين وڌي ويو. واپار واري وزارت مطابق 4 سال دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي ٻطرفي واپار ۾ 32.72 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال 2022ع دوران ٻنهي ملڪن جو گڏيل واپار 5.5 ارب ڊالر رهيو ، …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) مالي سال 2025ع دوران پاڪ – برطانيه ٻطرفي واپار ۾ 6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ان دوران گڏيل واپار 7.3 ارب ڊالر تائين وڌي ويو. واپار واري وزارت مطابق 4 سال دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي ٻطرفي واپار ۾ 32.72 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال 2022ع دوران ٻنهي ملڪن جو گڏيل واپار 5.5 ارب ڊالر رهيو ، جڏهن ته مالي سال 2025ع ۾ ٻطرفي واپار 7.3 ڊالر تائين وڌي ويو. اهڙي طرح مالي سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 2025ع دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي گڏيل واپار ۾ 1.8 ارب ڊالر يعني 32.72 سيڪڙو جي نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پاڪ برطانيه ٻطرفي واپار ۾ 1.5 ارب ڊالر جو ٽريڊبيلنس پاڪستان جي حق ۾ آهي.

مزید خبریں