مصر جي شرم الشيخ جي اتر اوڀر ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ

قاهره- 03 آگسٽ (اي پي پي) مصر جي سامونڊي شهر شرم الشيخ جي اتر اوڀر ۾ صبح جو 5.5 جي شدت جو زلزلو ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر جي قومي فلڪيات بابت اداري ٻڌايو آهي ته زلزلو سومر جي صبح جو مقامي وقت موجب 3 لڳي آيو. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح …

قاهره- 03 آگسٽ (اي پي پي) مصر جي سامونڊي شهر شرم الشيخ جي اتر اوڀر ۾ صبح جو 5.5 جي شدت جو زلزلو ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر جي قومي فلڪيات بابت اداري ٻڌايو آهي ته زلزلو سومر جي صبح جو مقامي وقت موجب 3 لڳي آيو. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 10 ڪلو ميٽرن جي اونهائي ۾ هيو. اداري موجب مختلف علائقن جي رهواسين زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا جڏهن ته ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. زلزلي کانپوءِ مصر جي صحت ۽ آبادي واري وزير خالد عبدالغفار فوري طور تي قومي صحت ايمرجنسي پلان فعال ڪرڻ ۽ وزارت کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت واري وزارت سڄي ملڪ جي اسپتالن جي ايمرجنسي وارڊن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ايمبولينس سروسز ۽ فوري امدادي ٽيمن کي به مڪمل طور تي تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. زلزلي سبب ڪنهن جي به زخمي ٿيڻ جو اطلاع ناهي مليو.