ڪراڪس- 03 آگسٽ (اي پي پي) وينزويلا ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ ٻه سال اڳ ملتوي سفارتي لاڳاپن کي ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، وينزويلا جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٻنهي حڪومتن گڏيل ڳالهين کان پوءِگڏيل اتفاق راءِ سان تيار ڪيل حڪمت عملي جي منصوبي تحت سفارتي ۽ قونصلر لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته …
وينز ويلا ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ جا سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ڪراڪس- 03 آگسٽ (اي پي پي) وينزويلا ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ ٻه سال اڳ ملتوي سفارتي لاڳاپن کي ٻيهر بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، وينزويلا جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٻنهي حڪومتن گڏيل ڳالهين کان پوءِگڏيل اتفاق راءِ سان تيار ڪيل حڪمت عملي جي منصوبي تحت سفارتي ۽ قونصلر لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي شهرين جي مفادن ۽ اداراتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ وينزويلا ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ وچ ۾ تاريخي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي حڪومتن هن عمل کي ڳالهين، گڏيل احترام ۽ عالمي قانون جي اصولن مطابق اڳتي وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي به ورجايو.











