رياض- 03 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر بريده جي ڏکڻ ۾ واقع مرڪز النخله گرائونڊ ۾ "بريده عالمي کجور ميلو" شروع ٿي ويو آهي جيڪو 14 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هي ميلو قصيم ريجن جي گورنر شهزاده ڊاڪٽر فيصل بن مشعل بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ نيشنل ڊيٽ ۽ پام سينٽر جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو آهي. عالمي سطح تي هن مارڪيٽ جو شمار …
سعودي عرب ۾ بريده عالمي کجور ميلو شروع ٿي ويو

مزید خبریں
رياض- 03 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر بريده جي ڏکڻ ۾ واقع مرڪز النخله گرائونڊ ۾ "بريده عالمي کجور ميلو” شروع ٿي ويو آهي جيڪو 14 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هي ميلو قصيم ريجن جي گورنر شهزاده ڊاڪٽر فيصل بن مشعل بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ نيشنل ڊيٽ ۽ پام سينٽر جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو آهي. عالمي سطح تي هن مارڪيٽ جو شمار دنيا جي سڀ کان وڏين تاريخي کجور منڊين ۾ ٿئي ٿو جيڪو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پڻ درج ٿيل آهي. هم ميڪلي ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه مان سياح وڏي تعداد ۾ 75 ڏينهن جي ميلي ۾ حصو وٺندا آهن. قصيم ريجن ۾ منعقد ٿيندڙ ساليانو ميلو تمام اهم سمجهيو ويندو آهي. علائقي ۾ کجيءَ جي وڻن جو تعداد 11 ملين آهي، ۽ هر سال 578 هزار ٽن کجور جي پيداوار ٿيندي آهي. کجور جي شعبي سان علائقي ۾ 4000 کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿين ٿا. جنهن مان ساليانو 3.2 ارب ريال جي آمدني ٿئي ٿي. انتظاميا کجور ميلي ۾ ثقافت ۽ علائقائي زراعت سان لاڳاپيل مختلف سرگرميون پڻ منعقد ڪيون آهن جن ۾ نخلستانن جي سار سنڀال، کجيءَ جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۽ فصل جي حفاظت بابت اهم معلومات پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي.











