رياض- 03 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ميوزڪ ڪميشن جاز ان جده (Jazz in Jeddah) سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو انتظام نداءِ ثقافت يا ” ڪال آف ڪلچر “ ذريعي ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها شراڪتداري دراصل مفاهمت جي معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آهي جنهن تي ٻنهي تنظيمن وچ ۾ نجي سطح تي سهڪار جي مقصد کي سامهون رکي ڪري صحيحون ڪيون ويون هيون. مفاهمت جي ان معاهدي …
سعودي عرب جي ميوزڪ ڪميشن پاران جاز ان جده سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو اعلان

مزید خبریں
رياض- 03 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ميوزڪ ڪميشن جاز ان جده (Jazz in Jeddah) سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو انتظام نداءِ ثقافت يا ” ڪال آف ڪلچر “ ذريعي ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها شراڪتداري دراصل مفاهمت جي معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آهي جنهن تي ٻنهي تنظيمن وچ ۾ نجي سطح تي سهڪار جي مقصد کي سامهون رکي ڪري صحيحون ڪيون ويون هيون. مفاهمت جي ان معاهدي تحت، شراڪت جو هڪ مقصد اهو به هو ته سعودي عرب ۾ موسيقي جي شعبي جي ترقي ۾ سهڪار ڪيو وڃي ۽ اعلى معيار جي ثقافتي ۽ موسيقي جي قدمن کي هٿي ڏجي. جاز ان جده، مملڪت ۾ اڀرندڙ ٽيلنٽ جي حوصلا افزائي ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ وقف هڪ قومي پليٽ فارم آهي جيڪو سعودي عرب جي موسيقي ورثي کي ڌوم ڌام سان ملهائيندو آهي. ثقافتي سهڪار جي مختلف قدمن ۾ هر سال 10 کان وڌيڪ عالمي فيسٽيولز سان حصيداري ۽ ان شعبي ۾ فنڪارن جي ترقي ۽ واڌ ويجهه جي مختلف پروگرامن ذريعي ، اهو پليٽ فارم سعودي عرب ۾ موسيقي سان لڳاءِ رکندڙ اڀرندڙ نسل لاءِ موقعن جو انگ وڌائيندو آهي . جاز ان جده ايندڙ پروگرام هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ جده جي تاريخيه ۾ منعقد ٿيندو جتي اهو پليٽ فارم موسيقارن ۽ ميوزڪ سان رغبت رکندڙ مداحن کي هڪ اهم هنڌ تي گڏ ڪري رهيو آهي. ان پروگرام تحت منفرد نوعيت جا ايوٽس ترتيب ڏنا پيا وڃن جيڪي جاز جي ڪوششن جي اعتراف ۽ کين ساراهڻ سان گڏو گڏ، سعودي عرب جي ميوزيشنز ۽ عالمي موسيقارن وچ ۾ فنڪاراڻين تخيلقي رابطن جا نوان موقعا پيدا ڪندو. هن چيو ته جاز ان جده مداحن ۽ فنڪارن وچ ۾ بامعنيٰ رستو هموار ڪري ورتو آهي ۽ اها شراڪتداري اسان کي ڊگهي مدي تائين گڏجي ڪم ڪرڻ جا اهڙا موقعا ڏيندي جنهن سان سعودي عرب ۾ موسيقي جي منظر نامي کي هٿي ملندي ۽ عالمي سطح تي ان جي ثقافتي موجودگي ۾ اضافو ٿيندو.











