ڍاڪا- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڍاڪا سائوٿ سٽي ڪارپوريشن (ڊي ايس سي سي ) مالي سال 27- 2026 لاءِ صفائي ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي شعبي ۾ 327 ڪروڙ ٽڪا رکي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد گادي واري شهر جي ڏکڻ حصي کي صاف ، سرسبز ۽ ماحول دوست شهر ۾ تبديل ڪرڻ آهي . بنگلاديش جي سرڪاري خابرو اداري مطابق اها رقم …
ڍاڪا سائوٿ سٽي ڪارپوريشن پاران 327 ڪروڙ ٽڪن جي رڪارڊ بجيٽ پيش

مزید خبریں
ڍاڪا- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڍاڪا سائوٿ سٽي ڪارپوريشن (ڊي ايس سي سي ) مالي سال 27- 2026 لاءِ صفائي ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي شعبي ۾ 327 ڪروڙ ٽڪا رکي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد گادي واري شهر جي ڏکڻ حصي کي صاف ، سرسبز ۽ ماحول دوست شهر ۾ تبديل ڪرڻ آهي . بنگلاديش جي سرڪاري خابرو اداري مطابق اها رقم گذريل مالي لاءِ 90 ڪروڙ 23 لک ٽڪن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ساڍا ٽي ڀيرا ٻيڙي آهي، جڏهن ته مالي سال 26-2025ع ۾ نظرثاني بعد اها رقم 38 لک ٽڪا رهجي وئي هئي. ڍاڪا سائوٿ سٽي ڪارپوريشن جي ايدمنسٽريٽر انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪارپوريشن صفائي جي نظام کي نئين سر ترتيب ڏنو آهي ۽ حڪومت جي ڪلين سٽي، گرين سٽي ، مهم تي عمل درآمد کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته سمورن وارڊن ۾ شفٽن جي بنياد تي صفائي جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي . هر روڊ لاءِ مخصوص صفائي عملو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ نگراني لاءِ هر وارڊ ۾ الڳ الڳ مانيٽرنگ ٽيمون قائم ڪيون ويون آهن. هر مهيني لاءِ پهرين هفتي کي ڪليننگ ڊي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.











