لاهور- 02 آگسٽ (اي پي پي) حضرت سيد علي بن عثمان الهجويري المعروف حضرت داتا گنج بخش جي 983 هيڻ سالياني عرس جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي شروعات ٿي وئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار آچر تي صبح جو پنجاب جي وزيراعليٰ جي صلاحڪار علي ڊار، هائوسنگ واري صوبائي وزير بلال ياسين، ناڻي واري صوبائي وزير ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان، چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي، سيڪريٽري …
حضرت داتا گنج بخش جي سالياني عرس جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي شروعات ٿي وئي

مزید خبریں
لاهور- 02 آگسٽ (اي پي پي) حضرت سيد علي بن عثمان الهجويري المعروف حضرت داتا گنج بخش جي 983 هيڻ سالياني عرس جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي شروعات ٿي وئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار آچر تي صبح جو پنجاب جي وزيراعليٰ جي صلاحڪار علي ڊار، هائوسنگ واري صوبائي وزير بلال ياسين، ناڻي واري صوبائي وزير ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان، چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي، سيڪريٽري اوقاف پنجاب ڊاڪٽر احسان ڀٽه سان گڏ چادر چاڙهڻ واري رسم ذريعي عرس تقريبن ۽ کير واري سبيل جو افتتاح ڪيو. جامعه مسجد داتا دربار جي خطيب ان موقعي تي دعا پڻ ڪرائي. چادر چاڙهڻ واري رسم بعد سينيٽر اسحاق ڊار مزار تي کير جي سبيل ۽ لنگر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مواصلات ۽ تعميرات واري کاتي ۽ نيسپاڪ اختيارين طرفان نائب وزيراعظم ۽ ٻين شخصيتن کي داتا درٻار توسيعي رٿا جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.










