عراق جي سرزمين تان ڪنهن به حملي جو جواب ڏنو ويندو، شام ۽ اردن جي تنبيهه

دمشق- 02 آگسٽ (اي پي پي) شام جي اختيارين عراق کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي پٽي ويجهو ايران نواز مليشيا جي چر پر جو پتو لڳڻ کانپوءِ آگاهه ڪيو آهي ته عراق جي سرزمين تان شروع ٿيل ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق شام عراق جي اختيارين سان سڌي ريت رابطو ڪري اها وارننگ انهن تائين پهچائي ۽ مطالبو ڪيو ته شام …

دمشق- 02 آگسٽ (اي پي پي) شام جي اختيارين عراق کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي پٽي ويجهو ايران نواز مليشيا جي چر پر جو پتو لڳڻ کانپوءِ آگاهه ڪيو آهي ته عراق جي سرزمين تان شروع ٿيل ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق شام عراق جي اختيارين سان سڌي ريت رابطو ڪري اها وارننگ انهن تائين پهچائي ۽ مطالبو ڪيو ته شام کي نشانو بڻائڻ واري ڪنهن به ڪارروائي لاءِ عراق جي سرزمين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. اردن جي سرڪاري ذريعن مطابق اردن جي حڪومت به عراق جي حڪومت کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن اردن جي سرزمين تي حملا ته هو ايران نواز مليشيا کي نشانو بڻائيندي. رپورٽ مطابق اردن جي اختيارين عراقي حڪومت کي مليشيا طرفان اردني سرزمين کي نشانو بڻائڻ جي منصوبن بابت معلومات کان آگاهه ڪيو.