بيجنگ- 02 آگسٽ (اي پي پي) چين سرنگون کوٽڻ لاءِ جديد ترين مشين شيانگ لونگ جي باقاعده پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها مشين چائنا ريلوي سائنس اينڊ انڊسٽري گروپ تيار ڪئي آهي ۽ ان کي چين جي صوبي هوبي جي شهر ووهان ۾ ٺاهيو پيو وڃي. اها مشين سخت جبلن ۽ ڏکين علائقن ۾ سرنگون تعمير ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ ان …
چين سرنگون کوٽڻ لاءِ جديد ترين مشين شيانگ لونگ جي باقاعده پيداوار شروع ڪري ڇڏي

مزید خبریں
بيجنگ- 02 آگسٽ (اي پي پي) چين سرنگون کوٽڻ لاءِ جديد ترين مشين شيانگ لونگ جي باقاعده پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها مشين چائنا ريلوي سائنس اينڊ انڊسٽري گروپ تيار ڪئي آهي ۽ ان کي چين جي صوبي هوبي جي شهر ووهان ۾ ٺاهيو پيو وڃي. اها مشين سخت جبلن ۽ ڏکين علائقن ۾ سرنگون تعمير ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ ان جي ڪارڪردگي چين ۾ ان وقت سرنگون کوٽڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ مشينن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي. اها چين جي پهرين بورنگ اينڊ بلاسٽنڪ مشين آهي. ان جي سامهون واري حصو 4.55 ميٽر، وزن 400 ٽن ۽ ڊيگهه 70 ميٽر آهي.











