صدر آصف علي زرداري جُون سوئس ڪنفيڊريشن جي صدر، فيڊرل ڪائونسل ۽ سوئس عوام کي قومي ڏينهن تي مبارڪون

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئس ڪنفيڊريشن جي صدر گائي پارميلن، فيڊرل ڪائونسل ۽ سوئس عوام کي قومي ڏينهن تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق ڇنڇر تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ تعميري سهڪار تي ٻڌل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انهن گهڻ رخي لاڳاپن …

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئس ڪنفيڊريشن جي صدر گائي پارميلن، فيڊرل ڪائونسل ۽ سوئس عوام کي قومي ڏينهن تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق ڇنڇر تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ تعميري سهڪار تي ٻڌل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انهن گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، زراعت، دوائن، سياحت، موسمياتي تبديلي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ انتهائي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻئي قومون عالمي امن لاءِ پختو عزم رکن ٿيون ۽ انهن مختلف فورمز تي رابطن کي برقرار رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ سوئٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو، صدر مملڪت گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي اهم عالمي ادارن جي ميزباني جي حوالي سان سوئٽزرلينڊ جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو، جتي پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنيوا ۾ پنهنجو مستقل مشن قائم رکيو آهي. صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار ايندڙ سالن ۾ ٻنهي قومن جي مفاد ۾ وڌيڪ اڳتي وڌندو.