لاهور – 01 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ اقبال چنڙ هڪ مخلص عوامي اڳواڻ، پاڪستان مسلم …
وزير اعظم محمد شهباز شريف پاران قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
لاهور – 01 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ اقبال چنڙ هڪ مخلص عوامي اڳواڻ، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو هڪ مخلص ۽ نظرياتي ڪارڪن ۽ قائد محمد شهباز شريف جو سچو ۽ وفادار ساٿي هو، مونکي کيس ذاتي طور تي ڄاڻڻ ۽ ڪيترن ئي موقعن تي پنجاب ۾ پنهنجي ڪابينا ۾ هن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. وزيراعظم مرحوم جي پٽ، ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ ظهير اقبال چنڙ ۽ ڏکويل ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم اقبال چنڙ هميشا خلوص، ديانت ۽ عوامي خدمتن جي جذبي سان پنهنجون ذميورايون ادا ڪيون، سندس وفاداري، خدمتن ۽ وابستگي کي هميشا قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ ڪٽنب ڀاتين جي صبر لاءِ دعا به ڪئي.










