مانسهره- 01 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) هميشه پنهنجي ڪارڪنن کي عزت ڏني، ان لاءِ مختلف سياسي پارٽين جا ماڻهو اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. مانسهره ۾ هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن پاران مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پارٽي جي هر حڪومتي دور ۾ هزاره …
وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جو عالمي وقار بلند ٿيو آهي: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

مزید خبریں
مانسهره- 01 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) هميشه پنهنجي ڪارڪنن کي عزت ڏني، ان لاءِ مختلف سياسي پارٽين جا ماڻهو اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. مانسهره ۾ هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن پاران مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پارٽي جي هر حڪومتي دور ۾ هزاره ڊويزن، خاص ڪري مانسهره ۾ اهم ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، هن چيو ته سعودي تعاون سان واٽر سپلاءِ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، جنهن سان شهر کي صاف پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿيندي. هن الزام لڳايو ته صوبائي حڪومت مسلم ليگ (ن) جي منصوبن جو ڪريڊت کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪو به وڏو منصوبو نه ڏئي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جو عالمي وقار بلند ٿيو آهي.










