وزيراعظم شهباز شريف جو پنجاب اسميبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ کي ٽيليفون، ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

لاهور-01 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنجاب اسميبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ کي ٽيليفون ڪري سندس والد ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اقبال چنڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو هڪ مخلص …

لاهور-01 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنجاب اسميبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ کي ٽيليفون ڪري سندس والد ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڇنڇر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اقبال چنڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو هڪ مخلص ۽ وفادار اڳواڻ هو. وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.