راولپنڊي- 01 آگسٽ (اي پي پي) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته ٻنهي ملڪن جي دوستي منفرد، وقت جي ڪسوٽي تي پرکيل ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز باوجود مضبوطي سان قائم آهي. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري پريس پڌرائي موجب چين جي عوامي جمهوريه جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي قيام جي 99هين …
پاڪستان ۽ چين جي دوستي بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز باوجود مضبوطي سان قائم آهي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي- 01 آگسٽ (اي پي پي) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته ٻنهي ملڪن جي دوستي منفرد، وقت جي ڪسوٽي تي پرکيل ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز باوجود مضبوطي سان قائم آهي. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري پريس پڌرائي موجب چين جي عوامي جمهوريه جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي قيام جي 99هين سالگره جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملهائي وئي. چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائي ڊونگ ان موقعي تي خاص مهمان هو. چين جي دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ زونگ، چيني سفارتخاني جي عهديدارن ۽ پاڪستان جي ٽنهي فوجن جي سينئر آفيسرن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اين آءِ (ايم)، ايڇ جي، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز معزز مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ پي ايل اي کي ان جي 99 هين سالگره تي مبارڪون ڏنيون. هن چين جي دفاع، قومي ترقي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ پي ايل اي جي نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي پائيدار مضبوطي کي اجاگر ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي منفرد، وقت جي ڪسوٽي تي پرکيل ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلنيجز باوجود مضبوطي سان قائم آهي. هن ان ڳالهه جي ٻيهر تصديق ڪئي ته پاڪ فوج ۽ پي ايل اي حقيقي شراڪتدار آهن، جيڪي گڏيل اعتماد، پختي حمايت ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ جي عزم سان جڙيل آهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سفير جيانگ زائي ڊونگ، فيلڊ مارشل جو ان يادگاري تقريب جي ميزباني تي شڪريو ادا ڪيو. هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي اهم خدمتن ۽ قربانين جو اعتراف ڪيو ۽ پاڪستان لاءِ چين جي پختي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل تزويراتي شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پائيدار عزم جو ورجاءُ ڪيو.










