اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه امن منصوبي تي عملدرآمد ڏانهن هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته پاڪستان غزه امن منصوبي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ بورڊ آف پيس تحت ٿيندڙ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان، آمريڪا، مصر، قطر ۽ ترڪيه سميت ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن جي مسلسل سفارتي ڪوششن جي به …
پاڪستان پاران غزه امن منصوبي تي عملدرآمد ڏانهن هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه امن منصوبي تي عملدرآمد ڏانهن هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته پاڪستان غزه امن منصوبي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ بورڊ آف پيس تحت ٿيندڙ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان، آمريڪا، مصر، قطر ۽ ترڪيه سميت ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن جي مسلسل سفارتي ڪوششن جي به تعريف ڪئي ۽ اميد رکي ٿو ته اها اڳڀرائي غزه امن منصوبي تحت ڪيل سمورن واعدن تي مڪمل عملدرآمد جي راهه هموار ڪندي. بيان ۾ پاڪستان ان يقين جو اظهار ڪيو ته اهي ڪوششون عالمي قانون، عالمي جواز ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب هڪ اعتماد جوڳي ۽ مقرره وقت تي ٻڌل سياسي عمل ذريعي فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق جي ناقابل تنسيخ حاصل ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿينديون. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي، ته اهو سياسي عمل آخرڪار 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنيادن تي هڪ آزاد، خودمختيار، جاگرافيائي طور ٻڌل ۽ عمل جوڳي فلسطيني رياست جي قيام تي هئڻ گهرجي جنهن جي گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي.










