اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بيلاروس جي چيف آف دي جنرل اسٽاف ۽ دفاع بابت فرسٽ نائب وزير جنرل پاول مراويڪو جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ فوجي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان نيوي پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي چيف آف دي نيول اسٽاف معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران دفاعي …
چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بيلاروس جي فوجي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بيلاروس جي چيف آف دي جنرل اسٽاف ۽ دفاع بابت فرسٽ نائب وزير جنرل پاول مراويڪو جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ فوجي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان نيوي پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي چيف آف دي نيول اسٽاف معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران دفاعي سهڪار سميت ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد علائقائي ميري ٽائم سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪ نيوي جي ڪوششن ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ٻه طرفن لاڳاپن جي موجوده دائري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.










