آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ سمر انٽرن شپ پروگرام 2026جو بندوبست

راولپنڊي- 01 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ جي شاگردن ۽ شاگرديانين لاءِ سمر انٽرن شپ پروگرام 2026ع جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سمر انٽرن شپ 2026ع ۾ سڄي پاڪستان جي 21 اسٽيشنز مان 6 هزار 150 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيون. تجزيو ڪندڙ ۽ اسڪالر احمد حسن العربي جي آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان خاص …

راولپنڊي- 01 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ جي شاگردن ۽ شاگرديانين لاءِ سمر انٽرن شپ پروگرام 2026ع جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سمر انٽرن شپ 2026ع ۾ سڄي پاڪستان جي 21 اسٽيشنز مان 6 هزار 150 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيون. تجزيو ڪندڙ ۽ اسڪالر احمد حسن العربي جي آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان خاص ويهڪ ٿي. پاڪستان جي نظرياتي اساس، فتنه الهندستان، فتنه الخوارج جي دهشتگردي، بلوچستان جي صورتحال سميت گورننس سڌاران تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائين دوران سندس چوڻ هو ته قائداعظم مطابق پاڪستان جو حڪومتي نظام اسلام جي اصول عدل، قانون جي بالادستي ۽ رحمت تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي اڪثر واقعن جا پيرا ڀارت ۽ افغانستان ڏانهن وڃن ٿا. احمد حسن العربي چيو ته فتنه الهندستان جو بلوچستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ مزدورن تي حملن جو مقصد ترقياتي منصوبن کي ختم ڪرڻ ۽ خوف پکيڙڻ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي مسئلن جو پائيدار حل عسڪري ڪارروائين سان گڏ ترقي، بهتر گورننس ۽ نئين انتظامي يونٽسن جي قيام ۾ آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن لاءِ سيڪيورٽي آپريشنز سان گڏوگڏ جديد گورننس ۽ انتظامي سڌارا اڻٽر آهن. آءِ ايس پي آر جو سمر انٽرن شپ پروگرام نوجوانن جي صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ قومي شعور جي بيداري لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.